اسلام آباد – 23 – اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف ديواگر، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي سرحد پار کان دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر جوانن حوالدار تيمور، ??ائ??ڪ شعيب ۽ سپاهي ثاقب جي درجن جي بلندي ?? ملڪ جي دفاع دوران زخمي ٿيندڙ جوانن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ?? ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي عزم ک?? ساراهيو.