اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پا??ستان ۽ نائجيريا گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ نائجيرين هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي ا??ني??يوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وچ ۾ ملاقات دوران ٿي. نائجيريا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ??ه پاڪستان نائجيريا سان پنهنجي لاڳاپن ک?? تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ نائجيريا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ نائجيريا جي هٿياربند فوج جي نمائندن جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته جنگجو پا??يسري ملڪ مسلمانن جي ??سل ڪشي ۾ ملوث آهي. هن ٻڌايو ??ه پاڪستان ک?? دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو زبردست تجربو آهي ۽ هن ملڪ ۾ دهشتگرد عنصرن ک?? ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي ا??ني??ياچيا ايرابور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر کا نائجيريا جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ڪرڻ تي پا??ستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.