جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن ع??دالعز??ز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف ج?? استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ج?? اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي م??مبرن سان ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي م??ڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن ع??دالعز??ز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .