اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي ??لاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندست??ن کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستا?? جي فضائي حدن جي ??لاف ورزي جي ??والي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اسا?? جي فضائي حدن جي ??لاف ورزي ٿي آهي، ??ن کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ??ن کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندستان جي ??رڪت افسوسناڪ آهي، عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺ?? گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽيس وٺ?? گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي ??گهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي ??گهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪ?? جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اس??ن کي اميد آهي ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺندي، هندست??ن کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستا?? جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀي??ند?? جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آهي، هندست??ن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ??رورت آهي، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي ??امهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ??ريعي عالمي برادري جي ??امهون رکيا، اسان ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي ??امهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا حامي نه آهيون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آهي، سامونڊي ۽ دفاعي حدن جون خلاف ورزيون سڀني جي ??امهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اسان جو حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.