اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان اقتصادي، واپاري، سائنس، تعليم، انفارميشن ۽ مذهبي سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مس??حڪ?? ڪرڻ ۽ ٽرين رابطن تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ازبڪستان سان پراڻن لاڳاپن کي مس??حڪ?? ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار ۾ 50 سيڪڙو جڏهن ته گڏيل منصوبن ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ??ن کانسو??ءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ پڻ رابطا وڌيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ازبڪستان سان افغانستان جي رستي رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٽرين رابطن تي پڻ اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي رستي ٽرين هلندي جيڪا وچ ايشيائي رياستن کي گوادر پورٽ سان ڳنڍيندي. عمران خان چيو ته افغانستان رستي ڪنيڪٽويٽي جو فائدو نه رڳو ازبڪستان ۽ پاڪست??ن کي ٿيندو پر وڌيڪ فائدو افغانست??ن کي ٿيندو. وزيراعظم چيو ته مون ازبڪ صدر کي والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪندي ڪش??ير?? عوام کي خودمختياري جو حق ڏي ۽ اتي ڀارتي ظلمن کي روڪي. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان ازبڪستان ۽ پاڪستان جو هڪ جهڙو موقف آهي. هن چيو ته اولهه ملڪن جي ٻن سربراهن پڻ اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ چيو آهي ته پيغمبر ﷺ جي شان ۾ گستاخي کي ڪنهن به صورت ۾ اظهار ر??ءِ جي آزادي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته ناموس رسالت ﷺ تي مسلمان ملڪن کي گڏجي مهم هلائڻ گهرجي. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان افغانستان جي منجمند اثاثن جي بحالي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪندا. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام ۽ قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان اچڻ جو وڏي شدت سان انتظار هو پر ڪورونا جي ڪري دير ٿي. هن چيو ته پاڪستان سان اسٽريٽجڪ تعاون جي فروغ ل??ءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه تع??ير?? رهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ ثقافتي ترقي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي پروگرام ”نئون پاڪستان“ ۽ ازبڪستان جي نئون ازبڪ پروگرام ۾ وڏي هڪ جهڙائي آهي. ٻنهي ملڪن ثقافتي شعبن جي بحالي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا تيزي سان وڌي رهيا آهن جڏهن ته انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مس??حڪ?? ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. ترجيحي واپاري معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. شوڪت مرزايوف چيو ته وچ ايشيا کان مزار شريف ڪابل ۽ پشاور ريلوي جي تعمير تي ويجهي مستقبل ۾ ڪم شروع ٿيندو، ان منصوبي سان وچ ايشيا گوادر پورٽ سان ڳنڍجي ويندو. ازبڪ صدر چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ازبڪ صدر افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها انساني بنيادن تي افغانستان جا منجمند اثاثا بحال ڪري ۽ افغانست??ن کي انساني همدردي جي بنياد تي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي. شوڪت مرزايوف چيو ته ٻنهي ملڪن سائنس، تعليم، مذهبي سياحت، سئنيما، انفارميشن سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪ?? ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ??ن کانسو??ءِ اڄ اسان 10 انتهائي اهم معاهدن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي جو سبب بڻجندا. ازبڪ صدر چيو ته ٽرانزٽ معاملن کي حل ڪرڻ جي ل??ءِ معاهدا ڪيا ويا آهن.