اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانو??سا???? جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي حوالي ??ان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوب?? جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوبي تي ٿ??ندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصوب?? جي مڪمل ٿيڻ سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانو??سا???? جي عمل ۾ بهتري ايندي.