اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ??هي ته اسان جي ڳڻتي هاڻي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تائين محدود ناهي رهي، ڪرناٽڪ جو واقعو ان جو واضح ثبوت آهي، بي جي پي سرڪار جي ناروا پاليسين جي ڪري خطي جي امن کي درپيش خطرن جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پر??يه?? وزير چيو ??ه والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ظلمن طرف اسان عالمي برادري جو ڌيان مسلسل ڇڪرائيندا رهيا آهيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري چئي چڪو آهي ته اسان کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ??ه نيام?? ۾ ??نعقد، او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪ??تا?? نه رڳو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جي خلاف آواز بلند ڪيو پر اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد به پاڪ??تا?? پيش ڪئي. اسان جا خدشا اڄ حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن، ڪرناٽڪ جو واقعو ان جو ثبوت آهي، اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته هند??تا?? ۾ حجاب جي نالي تي ٻارڙين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ??ه هند??تا?? ۾ اقليتن سان مسلسل ناروا سلوڪ ڪيو ويندو رهيو ??يڪو انتهائي ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي، هند??تا?? هڪ طرف پاڻ کي سيڪيولر از?? ۽ جمهوريت جو علمبردار چورائيندو آهي ۽ ٻي طرف لباس تي پابنديون لڳايون پيو وڃڻ. پر??يه?? وزير چيو ??ه هند??تا?? ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا، اسان جو پنهنجو هڪ تمدن آهي ۽ هڪ تهذيب آهي، ڪالهه جيڪو ڪرناٽڪ ۾ ٿيو ??هو هند??تا?? ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هو دٻايل ضرور آهن پر جيڪڏهن هو دٻجي خاموش به رهيا ته ظلم جو سلسلو بند نه ٿيندو، شاهه محمود قريشي چيو ??ه کين پنهنجي بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ??ه ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي شديد مذمت ڪريان ٿو، آئون اڄ انساني حقن جي علمبردار تنظيمن جو ڌيان ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي طرف ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، اڄ خاموش نه رهو هند??تا?? ۾ تعليم پرائيندڙ انهن ٻارڙين لاءِ آواز اٿارين جنهن کان تعليم حاصل ڪرڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون هند??تا?? ۾ رهندڙ سيڪيولر سوچ جي حامل طبقن کي به چوندس ته هو پنهنجي ملڪ جي تشخص کي بچائڻ لاءِ مسلمان اقليت سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي خلاف آواز بلند ڪن، شاهه محمود قريشي چيو ??ه انشاءُ الله 22/23 مارچ تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پر??يه?? وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس منعقد ٿيندو. ان اجلاس ۾ فسلطين مسئلي، ڪشمير مسئلي، اسلامو فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بحث هيٺ ايندا، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ڪهڙي طرح موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.