اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو ته ڪووڊ – 19 وبا عالمي معاشي نظام کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي دنيا هاڻي پسمنظر ۾ وڃي چڪي آهي هڪ نئين دنيا سامهون آهي، اسان کي ان ۾ احتياط ۽ ڏور انديشي سان داخل ٿيڻو آهي. نسٽ انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽيڊيز ۾ ”ويزن ايف او پائيدار امن، جامع ترقي ۽ گڏيل ترقي لاءِ گهڻ رخي سف??رتڪاري“ جي موضوع تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير ??يو ته گهڻ رخي سف??رتڪاري جهڙو اصلاح نئين رجحانن ۽ حقيقتن جو عڪاس آهي، دنيا جيڪا ڪجهه ڏهاڪا پهرين هئي، هاڻي ان کان ڪافي مختلف آهي، سف??رتڪاري هاڻي رڳو بين الرياستي ناهي رهي، هن ??يو ته عالمي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي کي هلائڻ جي روايتي ذريعن کي تيز رفتار عالمي ادراڪ جي صنعت پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، گهڻ رخي سف??رتڪاري هاڻي معيشت، سائبر اسپيس، ڊجيٽل ٽي??نالاجي، سائنس کان وٺي ثقافت ۽ ايستائين جو ماڻهن کان ماڻهن جي رابطن تائين جو احاطو ڪندي آهي جڏهن ته سافٽ پاور پهرين ئي روايتي جن?? جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، زندگي جي سمورن شعبن تي انهن جي اثرن ۽ جديد ٽي??نالاجي جو استعمال، عوامي راءِ کي متاثر ڪرڻ ۽ ايجنڊائن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ڪووڊ – 19 وبا عالمي معاشي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهو صرف عالمي صحت جو بحران نه آهي پر ڊگهي مدي واري جاگرافيائي سياسي تبديلين جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪووڊ ويڪسينز به انهن ملڪن سان سف??رتڪاري ۾ مدد ڪئي جيڪي پنهنجي ويڪسينز ۽ لاڳاپيل ٽي??نالاجي جي ذريعا ان وبا مان سرخرو ٿيا آهن، هڪ نئين دنيا پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ اسان کي احتياط ۽ دور انديشي سان داخل ٿيڻو آهي جڏهن ته هڪ قلبي دنيا هاڻي هڪ عقبي منظر بڻجي چڪي آهي، گهڻ رخو ميڪنزم جيڪو ثالثي ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پهرين جوڙيو ويو هو پنهنجي اهميت وڃائي رهيو آهي، جاگرافيائي سياست سان گڏوگڏ ٽي??نيڪي ترقي جي ڪري توانائي جي سياسي معيشت تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن ??يو ته گهڻ رخي ادارن جو ڪمزور هجڻ، سرحدن جي پاليسي ۽ عالمي اتحادين جي ڪشمڪش علائقائي حصيداري کي رستو ڏئي رهي آهي، ان جي بدلجندڙ رجحانن جي پس منظر ۾ جاگرافيائي سياست، نون عملن ۽ غور ۽ فڪر کي ترغيب ڏئي رهي آهي، پرڏيهي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان پنهنجي سف??رتي مقصدن کي ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي طور تي فعال ۽ مستقل طور تي اڳتي وڌايو آهي، اسان سمورن خطن ۾ وڏين طاقتن ۽ اهم حصيدارن سان دوستي کي مضبوط ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم ڪيو آهي، وزيراعظم جي رهنمائي ۾، پاڪستان پائيدار ۽ برابر ترقي، موسمياتي تبديلي، قرضن کان ڇوٽڪارو، بدعنواني ۽ غير قانوني مالياتي وهڪري سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي مسئلن تي ڀرپور وڪالت سان گڏ گهڻ رخي فورمز تي هڪ مڃيل آواز آهي، هن ??يو ته اسان پنهنجي جاگرافيائي سياسي اهميت جو فائدو کڻندي جيو اڪنامڪس تي وڌيڪ ڌيان ڏئي اڳتي وڌي رهيا آهيون.