اسلام ??باد – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خوبصورت ملڪ پاڪستان ۾ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن جي آجيان ڪريون ٿا، پنهنجي دوري دوران توهان اسان جي لاهور ۽ ڪراچي جي ديسي کاڌن مان لطف اندوز ٿي سگهو ٿا، وا??ح رهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا آسٽريلين مينز ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي توثيق ڪري ڇ??ي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي دوري دوران ٽي ٽيسٽ ميچ، ٽي هڪ ڏينهن وا??ي ميچ ۽ هڪ ٽي 20 انٽرنيشنل ميڇ کيڏندي.