xاسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ??اص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته افعانستان اسانجو برادر پاڙيسري ملڪ آهي، ان جي ??وام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.
انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مينوفيڪچرنگ فارما ايسو سي ايشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيف ا??گزيڪٽو آفيسر ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پڻ موجود هو. پي پي ايم اي جي چيئرمين قاضي محمد منصور ۽ اڳوڻي چيئرمين اسد شجاع، امان الله شيخ، عثمان شوڪت حامد رضا، حسيب خان، عاطف ا??بال ۽ ٻين ميمبرن افعانستان لاءِ اٽڪل 16 ڪروڙ روپيا ماليت جي ??وائن جو عطيو ڏنو آهي.
صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان پي پي ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيو. خاص مددگار چيو ته افغانستان اسانجو برادر پاڙيسري ملڪ آهي، افغانستان جي ??وام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.