اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام ت?? اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينه?? ۾ ??ريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن ??قت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي اشتهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير ??رخ حبيب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام ت?? اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينه?? ۾ ??ريم صفدر جي آڊيو بابت تحقيقات مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن ??قت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، ??رخ حبيب چيو ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي اشتهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏسي رهي آهي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ جي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، ??رخ حبيب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.