??سل??م آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??سل??م امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي لاءِ اسان کي ??ضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آهنگي جو زبرست قائل هو ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ کين برابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اه??ما?? بين المذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ يڪجهتي پاڪستان مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو. ڪانفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، ??سل??مي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪيمونارا ۽ ٻين شخصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو درس ڏين ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن کي ??لفائي راشدين به جاري رکيو، صدر چيو ته ??سل??م مذهبي منافرت کان سخت خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي لاءِ ڪرتار پور راهداري کي کوليو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي ??طاب ساڻس لاءِ اعزاز آهي، هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بين المذاهب هم آهنگي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن م??تل?? مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن کي ??وڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر چيو ته دنيا کي ??ٺي قيادت جي ضرورت آهي، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پويان استحصال جو نظريو ڪارفرما آهي، انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ م??تل?? مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، م??تل?? مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، ا??ڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير علي محمد خان ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته مساوات ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار آهي، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ مذهبي آزادي جو حامي هو ۽ وزيراعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جيڪو هڪ بهترين قدم آهي، ??سل??مي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين تحت پاڪستان جي سمورن شهرين کي ??رابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته ??سل??مي روايتون سدائين بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين جي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ نمايان خدمتن تي م??تل?? شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ميڊرڊ، يورپي يونين، پاڪستان، ا??وظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.