اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ??حتسب جو بيواهه کي گهٽ پين??ن ڏيڻ جو فيصلو رد ڪندي اي ??و بي آءِ کي 2017ع ۾ مڙس جي وفات جي تاريخ کان بيواهه کي پين??ن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اها هدايت شڪايت ڪندڙ جي فوري دادرسي تي جاري ڪئ?? وئي، لاهور جي شهري عارف محمود جي بيواهه عائشه عارف 25 نومبر 2020ع تي وفاقي ??حتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئ?? جنهن ۾ هن اي ??و بي آءِ کان 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان گڏ پينشن جي منظوري جي فيصلي کي برقرار رکيو، صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ) جي هدايت موجب، انهي حڪم جي تعميل ڄاڻايل حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تي ٿي، صدر هڪ حڪم ۾ قرار ڏنو ته 1976ع جي ايڪٽ جي شق بي 22 جيڪا سروائيوز پينشن بابت آهي ان تحت زنده رهندڙ شريڪ حيات پينشن جو حقدار آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهو ايڪٽ جي سيڪشن 22(3) جي طرح حقدار کي ڪٿي به نٿو روڪي يا محدود نٿو ڪري، جيتوڻيڪ سيڪشن 22 بي صرف زنده رهندڙ گهرواريءَ جي پينشن بابت آهي ۽ اهو آزاداڻي طور تي ڪم ڪندو آهي، حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلمان جي وفات تي وراثت ۽ ٻيا سمورا حق لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1976ع جي سيڪشن 22 بي ۽ عام اصولن جي پيش نظر، اهو ظاهر آهي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي مڙس جي وفات جي تاريخ کان پينشن جي حقدار آهي، وفاقي ??حتسب ان اهم رخ کي نظرانداز ڪندي ناقابل دفاع بنيادن تي درخواست ڪندڙ جي درخواست رد ڪئ??، وفاقي ??حتسب 29 سيپٽمبر 2017ع تي پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ شڪايت ڪندڙ کي پينشن رهتون ڏيڻ جي خلاف ايجنسي جي فيصلي کي برقرار رکيو، محتسب پنهنجي حڪم ۾، پي او جي آرٽيڪل 2 (2) جي لحاظ کان ايجنسي جي طرفان ڪا به خراب انتظاميه نه ڏٺي، نمبر 1983 ۽ شڪايت کي وفاق محتسب (شڪايتن جي جاچ ۽ اڪلائڻ) جي ضابطي 2013 جي ضابطي 23 (3) موجب رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي مڙس کي پنهنجي وفات تائين اي ??و بي آءِ کان پينشن ملي رهي هئي، شڪايت ڪندڙ (بيواهه) پسماندگان جي پينشن جي درخواست داخل ڪئ?? جنهن جي ايجنسي پهرين في??رو??ي 2019ع کان صرف 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان منظوري ڏني هئي، صدر اي ??و بي آءِ کي بيواهه کي 29 سيپٽمبر 2017ع کان سموريون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.