اسلام آ??اد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران صدر متحده عرب امارات جي اعليٰ عملدارن سا?? ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي سينئر اڳ??اڻ?? ۽ ميڊيا نمائندن سا?? به ملاقات ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اه?? دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سا?? مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سا?? ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ادارا شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڪسپو ??هر??ن آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي اه?? ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو ويندو آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب امارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اه?? ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.