اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايت?? کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسر?? کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسر?? کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسر?? کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيس??ن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي ب??تر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.