پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سا?? آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي م??بو?? ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ۽ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??يراعظم جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه سا?? لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگران و??يراعظم کي خيبرپختونخواهه جي امن امان جي تازي صورتحال جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگران و??يراعظم کي صوبي کي درپيش مالي مسئلن جي حوالي سا?? پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي نگران و??يراعظم چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي. نگران و??يراعظم زور ڏئي چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگران و??يراعظم چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سا?? ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن و??يلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي م??بو?? ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نگران و??يراعظم چيو ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سا?? ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي لعنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سا?? گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگران و??يراعظم خيبرپختونخواهه کي درپيش مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي جي مالي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سا?? حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان، نگران صوبائي وزير سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگران وڏي وزير جي صلاحڪارن ڊاڪٽر ري??ض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگران وڏي وزير جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.