اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي وڻڪاري مهم شروع ڪ??ي ڇڏي. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ٻوتو هڻي ڪئي. وزيراعظم کي ان موقعي تي وڻڪاري مهم جي حوالي س??ن تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سانوڻي جي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 10 لک ٻوٽا هنيا ويندا جڏهن ته هلندڙ سال بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران ??ڄي ملڪ ۾ 13 ڪروڙ 98 لک ٻوٽا هنيا ويا هئا. موسمياتي تبديلي واري وزارت، ص??با??ي ٻيلن وارو کاتو وڻڪاري مهم جي اهميت بابت آگاهي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.