اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته قابل تجديد توانائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهيمت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آه??، عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏي ارضياتي صلاحيت پاڪستان کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائي ڇڏيو آه??. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ من??قد ٿيندڙ پاڪستان من??لز سمٽ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن، معدنيات جي شعبي جي ايگزيڪيوٽوز، سائنسدانن، صنعت جي ماهرن ۽ پاليسي سازن کي گڏ ڪيو ويو ته جيئن معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ موجود بي پناهه صلاحيتن تي غور ڪري سگهجي ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سفارشون پيش ڪري سگهجن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي اهتمام يهٺ ??ها سمٽ من??قد ٿي، ??ها زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي من??قد سمٽ کانپوءِ ان سلسلي جي ٽئين سمٽ هئي. هن چيو ته قابل تجديد توانائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آه??. سمٽ نئين هدفن وارن علائقن جي تعين، ڳولا جي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ ۽ معدنيات کي ڪڍڻ جي لاءِ نئين طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ، مٽيءَ، ع??ارتي پٿر، صنعتي معدنيات، ڪوئلي کان وٺي ڌاتي معدنيات ۽ قيمتي جواهرات تائين جي معدني وسيلن جي حوالي سان مشهور آه??. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏي ارضياتي صلاحيت پاڪستان کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائي ڇڏيو آه??. اهو ڏينهن پري نه آه?? جڏهن اسان جي معدني دولت قومي جي ڊي پي ۾ موجوده هڪ سيڪڙو کان وڌي 5 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.