اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊويزن جي ٻن جاري ??نصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري ??ي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊويزن جي گوادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئر??گ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو وي?? آهي جن مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.