اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگ??ام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي لاء?? 13 ??رب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگ??ام (پي ايس ڊي پي) موجب نئين منصوبن جي لاءِ 2 ارب 59 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊز رکيا ويا آهن. ان ۾ اسلام آباد ۾ بوڪرا واري جڳهه تي طبي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، ليبارٽري جي قيام جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي نيشنل هيلٿ سپورٽ منصوبي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ سنڌ ۾ بائيوليجڪل اينڊ ڪينسر ريسرچ ۽ ٽريٽمينٽ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، هيپاٽائيش سي جي خاتمي جي و??ير??عظم قومي پروگ??ام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ۽ اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ اوزارن جي خريداري جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. و??ير??عظم جي زيابيطس کي روڪڻ جي قومي پروگ??ام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزارت جي 31 جاري منصوبن جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ??کي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صحت جي سهولت جي استحڪام ۽ اپ گريڊيشن جي لاءِ 35 ڪروڙ 69 لک، پمز ۾ نيورو سرجري جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي بهتري لاءِ 14 ڪروڙ 58 لک رپيا رکيا ويا آهن. پمز ۾ 200 بسترن تي ٻڌل حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا، جي – اليون ٿري ۾ جناح اسپتال اسلام آباد قائم ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي قومي هيلٿ انشورنس پروگ??ام جي ٻئي مرحلي ۾ صحت سهولت پروگ??ام جي لاءِ 2 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم ??کي وئي آهي.