اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ پاڪست??ن جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان عالمي آئيني ??نو??نشن 10 مئي ۽ 11 مئي تي ٿيندو. ??نو??نشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪرز، ناليوارا سياسي اڳواڻ، قانوني ماهر اسڪالرز، سول سوسائٽي، سماجي ۽ سياسي عورت ڪارڪن، نوجوان، ميڊيا جا نمائندا ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي خصوصي دعوت تي سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جي چيئرمين جي سربراهي ۾ سعودي پارلياماني وفد شرڪت ڪندو ??ڏهن ته سريلنڪا، آذربائيجان، بيلجيئم، جمهوريه ڪرغزستان ۽ تاجڪست??ن جا پارلياماني فود شرڪت ڪندا. وڌيڪ اهو ته متحده جمهوريه تنزانيه، ڪينيا، عمان ۽ اير??ن جي نمائندگي انهن جي لاڳاپيل ڪميٽين جا چيئرپرسنز ڪندا. ان کانسواءِ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽرينز پڻ ??نو??نشن ۾ شرڪت ڪندا. ??نو??نشن ملڪي سياسي ۽ پارلياماني اڳواڻ، سينيٽرز، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اهم سياستدان شرڪت ڪندا. اها تقريب اسلامي جمهوريه پاڪست??ن جي آئين جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دو??ان??يش قيادت ۾ 10 اپريل 1973ع تي لاڳو ٿيو جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جي انتظام هيٺ گذريل هڪ مهيني ک??ن جاري رهندڙ تقريبن جي پڄاڻي تقريب آهي. آئين پاڪست??ن جو اهو دستاويز آهي جيڪو پاڪست??ن جي يڪجهتي ۽ استقامت جو مظهر آهي. ??نو??نشن جي پهرين ڏينهن افتتاحي سيشن ۾ وزيراعظم، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر، مشاورتي ڪميٽي جو ??نو??نر، غيرملڪي اسپيڪرز ۽ پارلياماني وفد شرڪت ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي سربراهي ۾ پلينري سيشن ٿيندو ??نهن ۾ اختيارن جي ورڇ، ايگزيڪيوٽو، قانون سازي ۽ عدالتي افعال ۾ توازن جي موضوع تي تفصيلي بحث ٿيندو. بعد ۾ انهي ڏينهن ٽي بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندا. بريڪ آئوٽ سيشن ون جي صدارت قومي اسيمبلي ميمبر نفيسا شاهه ڪندي. ان سيشن ۾ نمائندا وفاقيت، اختيارن جي منتقلي، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندا. سيشن ٽو جنهن جي صدارت وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره ڪندو، ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ نمائندگي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ٻئي طرف رومينه خورشيد عالم، ??نو??نر ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس/ ايس اي پي ايم، جي صدارت ۾ بريڪ آئوٽ سيشن ٿيندو ??نهن ۾ عالمي ذميواري ۽ موسمياتي انصاف جي لاءِ گهڻ رخي فريم ورڪ ۽ 2022ع ۾ پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ تي هڪ ڪيس اسٽڊي جي موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويندو. پهرين ڏينهن جي آخري اجلاس جي صدارت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪندي جنهن ۾ ”ايگزيڪيوٽو، قانونسازي ۽ عدالتي ڪمن ۾ توازن، اختيارن جي عليحدگي کي يقيني بڻائڻ“ جي موضوعن تي نمائندا پنهنجي راءِ ڏيندا. ٻئي ڏينهن، ??نو??نشن جي شروعات پهرين ڏينهنجي ڪارروائي جي خلاصي سان ٿيندي. بعد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز ??ان??ها جي صدارت ۾ ”بحرانن جي دور ۾ آئين، نيويگيٽنگ چئلينجز“ جي موضوع تي پلينري اجلاس ٿيندو. ان اجلاس ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ??ه آئين ڪهڙي طرح بحرانن جهڙوڪ وبائي مرضن، قدرتي آفتن ۽ سياسي بدامني سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. انهي ڏينهن مختلف آئيني معاملن تي هڪ ئي وقت ٽي بريڪ آئوٽ سيشن پڻ ٿيندا. بريڪ آئوٽ سيشن ون جيڪو وزيراعظم جي خاص معاون شزه فاطمه خواجه جي صدارت ۾ ٿيندو ۾ بنيادي حقن ۽ آئين جي تحفظ، لاڳو ۽ چئلينجز تي ڌيان ڏنو ويندو. بريڪ آئوٽ سيشن ٽو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير شازيه مري جي سربراهي ۾ ٿيندو ??نهن ۾ ”آئين ۽ عدالتون، آئين جي تشريح، حقن ۽ آزادين جو تحفظ“ جي موضوع تي تفصيلي بحث ٿيندو. ٽيون بريڪ آئوٽ سيشن سيد مصطفيٰ محمود جي صدارت ۾ ٿيندو ??نهن ۾ ”آئين ۽ معاشي انصاف“ جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ايڪسڪلوسو برابر معاشرن جي تعمير، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي ٿيندي. ??نو??نشن کي اهم خطاب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪندو ??نهن ۾ جامع برابر معاشرن جي تعمير ۾ آئين جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ??نو??نشن جي پڄاڻي تي پيش ڪئي ويندڙ سفارشن تي ٻڌل دستاويز جي منظوري سان پڄاڻي تي پهچندو ??نهن ۾ شريڪ رياستن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ رهنما رخ جوڙيا ويندا. اسپيڪر راجا پرويز اشرف ??نو??نشن ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي اسپيڪرز، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پارلياماني وفدن سان ملاقات ڪندو. ملاقاتن ۾ پارلياماني سطح تي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پارليامينٽن جي ڪردار کي غور هيٺ آندو ويندو.