پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهچي ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. انجنيئر امير مقام پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن تي ب??يف??گ ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس پڻ ??يندو جتي کي?? امن امان جي حوالي سان ب??يف??گ ڏني ويندي. خيبرپختونخواهه جي سياسي قيادت پڻ ??زيراعظم سان ملاقات ڪندي.