اسلام آباد – 12– اپريل (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ۾ دهشتگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت کان بچائڻ آهي، دهشتگ??دن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذم??وار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي ??ڌو??نئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگ??دن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته ??ظه??ر جي آزادي جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، ??ظه??ر راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.