اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچست??ن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچست??ن جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ بلوچست??ن نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ پاڪ ايران واپار جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، قومي اس??مب??ي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان الله ريڪي، روب??نه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ شامل هئا.