اسلام آباد – 10 – ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عوام ۽ پارليامينٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي، صد?? شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي علا??ت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چين جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صد?? شي جن پنگ تي چين جي عوام ۽ پارليامينٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي. صد?? شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي علا??ت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صد?? شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صد?? شي جن پنگ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اسان صد?? شي جن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.