اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ بيمارين جي بار ۽ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان جو صحت جو شعبو 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ ضروري آه??. صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ميڊيڪل ڪاليج مظفرآباد (اي جي ڪي ايم سي) جي ??اگ??دن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??اگ??دن جي آجيان ڪندي چيو ته دنيا تمام تيزي سان بدلجي رهي آه?? ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي ??اگ??دن جي تجزياتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب آڻڻ جي ضرورت آه??. هن وڌيڪ چيو ته ??اگ??دن کي پنهنجي آءِ ٽي جي مهارتن کي بهتر بڻائڻ گهرجي ڇو ته آءِ ٽي زندگي جي هر پيشي ۾ وسيع استعمال ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته نرسنگ جو پيشو تمام اهميت ۽ وسعت رکندڙ آه?? ۽ ملڪ کي نرسنگ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان کي نرسن جي کوٽ جي صورتحال درپيش آه?? ڇو ته ان کي 9 لک نرسن جي ضرورت آه?? جڏهن ته هن وقت ملڪ ۾ رڳو 2 لک نرسون ڪم ڪري رهيون آه?? جيڪي وڌندڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان قاصر آه??. تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي صدر چيو ته صحيح تعليم کانسواءِ ترقي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، ??اگ??د محنت ڪن ۽ انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پيشو جاري رکن. ان موقعي تي صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي ميڊيا کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ذريعي ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي عالمي فورم تي اٿاري رهيو آه?? ته جيئن ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري سگهجي جيڪو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ ملوث آه??. اي جي ڪي ايم سي جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين بخاري صدر کي 2011ع ۾ ڪاليج جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ??اگ??دن کي ميڊيڪل جي تعليم فراهم ڪرڻ جي ڪردار بابت ٻڌايو. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا ??اگ??د پڻ تعليم هيٺ آه??. هن ٻڌايو ته ڪ??ليج ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ 2 ڪروڙ رپيا عطيو ڪيا آه?? ۽ دادو ضلعي ۾ متاثرين جي لاءِ 32 گهر پ?? تعمير ڪيا پيا وڃن.