اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄ?? دنيا ۾ امن، جمهوريت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ بين الپ??رل??اماني يونين (آئي پي يو) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پ??رل??اماني تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي بين الپ??رل??اماني يونين جي امن، جمهوريت، انساني حقن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، سياسي ڳالهين ۽ پ??رل??اماني ڪارروائي جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاء?? ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هو بين الپ??رل??اماني يونين جي صدر ڊوارٽي پچيڪو سان ڳالهائي رهي?? جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پ??رل??امينٽرينز عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جنگين کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته سڄ?? دنيا جا پ??رل??امينٽ ميمبر عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاء?? ڪم ڪن. صدر معزز مهمان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ ۾ پاڪستاني قوم هزارين جانين جي قرباني ڏني ۽ 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان پڻ کنيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان دهشتگردن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي جيڪو اسان جي ملڪ جي انساني همدرديءَ جي جذبي جو واضح ثبوت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊوارٽي پچيڪو جي دوري سان پاڪستان جي پ??رل??امينٽ ۽ بين الپ??رل??اماني يونين جي ميمبر پ??رل??امينٽس جي وچ ۾ پ??رل??اماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي آئي پي يو جي صدر ٻڌايو ته بين الپ??رل??اماني يونين هڪ اهم پليٽ فارم آهي جنهن پنهنجا تجربن ۽ معلومات جي ٻين ميمبر ملڪن سان مٽاسٽا ڪئي آهي. هن پشاور جي مسجد تي تازي دهشتگرد حملي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪئي.