اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چ??ن جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چ??ن جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چ??ن جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چ??ن جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي ل??ڏا??ي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي اعليٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.