اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم مچ سانحي جي دل ڌوڏيندڙ واقعي تي ڏکويل آهي، وزيراعظم عمران خان س??نحي جي پونئيرن س??ن ڏک جو اظهار ڪندي هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينج?? کان آگاهه ڪيو، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان ۾ بي يقيني، مايوسي ۽ خ??ف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت لاڳاپيل قومي سلامتي جي ادارن س??ن گڏجي شرپسند عنصرن جو پيڇو ڪندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ڪوئيٽا جو دورو اهم هو، هن مچ سانحي جي متاثرين س??ن همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، وزيراعظم عمران خان هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينج?? کان به آگاهه ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو ته سانحي ۾ پرڏيهي عنصر ملوث آهن جڏهن ته هن مشڪل وقت ۾ پوري قوم انهن س??ن گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪندي.