اسلام ??با?? – 09 – جنوري (اي پي پي) ايوان صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڊاڪٽر سهيل انجم نا??ي جعلساز جي ايوان صدر ۾ گريڊ 21 جي پوسٽ تي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ گريڊ 21 ۾ پرسن?? سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل انجم جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سهيل انجم نا??ي ڪنهن شخص جي مقرري نا??ي ڪئي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سهيل انجم ايوان صدر جي سيڪريٽري جنرل جي پرسن?? سيڪريٽري جا ڪارڊز پڻ ڇپرائي رکيا آهن. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته ايوان صدر ۾ سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي پرسن?? سيڪريٽري جو ڪو عهدو موجود نه آهي، ايوان صدر ۾ آفيسرن جي مقرري شفافيت ۽ ديانتداري جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدر جو چوڻ آهي ته جعلي نوٽيفڪيشن جي جاچ جي لاءِ معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو ويو آهي.