اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ??رڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادا??و بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربي??ي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ??رڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ ??خت??ف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادا??و بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.