اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي و??ير علي امين گنڊا پور سان ملاقات ڪئي جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت ڪرم ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواه جي وڏي و??ير کي امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير پشاور ۾ وزيراعليٰ آفيس جو دورو ڪيو جتي و??يراعليٰ خيبر پختونخواه سندس آجيان ڪئي. ملات دوران گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي ڪارڪردگي وڌائڻ جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چي?? ته ڪرم ۾ امن جو قيام اسان جي ترجيح آهي، سمورين ڌرين جي مشوري سان ڪرم ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ علي امين گنڊاپور دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير چي?? ته شهيد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن سندن قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو. وزيراعليٰ ڪي پي ڪ?? چي?? ته شهيدن جون قربانيون ??اق??بل فراموش آهن. اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين.