اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر جعفر خ??ن مندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪست??ن مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ ڀ??پور ڪردار ادا ڪري سگهن. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلوچستان جي گورنر صوبي جي ترقياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿ??را مڃيا. شاهه غلام قادر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي توانائي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان 23 ارب رپين جي پئ??يج جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿ??را مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه غلام قادر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي.