اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل ضم ٿيڻ جي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي اقتصادي تبديلي??َ جو اهم جُز قرار ڏنو آهي. حڪومت رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لا??ِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪست??ن ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل براڊ بينڊ سروسز جي بهتري لاءِ آءِ ايم ٽي اسپيڪٽر?? جي جاري ٿيڻ تي مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ٽي اي چيئرمين، آءِ ٽي وارو سيڪريٽري، قانون واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاوه آمريڪي ڪنسلٽنٽ فرم نيرا طرفان ڪيل اڳڀرائي??َ جو جائزو ورتو ويو جنهن کي پي ٽي اي نومبر 24ع ۾ پي پي آر اي رولز/اي پي اي ڊي ايس موجب پاڪستان جي مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ، ڀائيوارن سان صلاح ڪرڻ، شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪامياب اسپيڪٽر?? جي نيلامي لا??ِ پاليسي سفارشون ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. اسپيڪٽر?? جي نالي جو عمل ايندڙ سال اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت رابطن کي بهترن بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لا??ِ پُرعزم آهي ته جيئن اُڀرندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ جديد ايپليڪيشنز کي وسيع پيماني تي اختيار ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهي قدم مختلف شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، اقتصادي سرگرمين جي تبديلي ۽ جٽادار ترقي??َ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.