اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آه?? ۽ سندن خود اراديت واري حق ??ي حمايت ڪن ٿا، اس??ائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آه??. فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز صادق فلسطين ۾ جاري اس??ائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. سندس چوڻ هوته فلسطين ۾ گذريل سال کان جاري اس??ائيلي جارحيت سبب 44 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿ?? چڪا آه??، شهيدن جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جو وڏو انگ شامل آه??. اسپيڪر چيو ته اس??ائيلي جارحيت دوران هڪ لک فلسطيني زخمي ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آه??، فلسطين ۾ جاري اس??ائيلي جارحيت تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آه??، عالمي برادري فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ فلسطين مسئلي جو حل اڻٽر آه??. سردار اياز صادق چيو ته اس??ائيلي فوج طرفان ٻارن، عورتن ۽ معصوم شهرين جو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آه??. فلسطين مسئلي جو واحد حل 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست جو قيام ۽ بيت المقدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ آه??. هن چيو ته اس??ائيلي جارحيت فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق ??ي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.