اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ??ه قوم لاءِ ??ي انتهائي خوشي جو موقعو آهي. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وز??را??ظم چيو آهي، ته پاڪستان جي بالرز ۽ بيٽسمينز آسٽريليا خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. 22 سالن کان پوءِ ??اڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز ۾ سندن ئي ملڪ ۾ سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته هن سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن ۽ مينجمينٽ جي محنت شامل آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ان ڪاميابي جي پوري ريت حقدار آهي.