اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) جي موقعي تي جمهوريه گانا جي پرڏيهي معاملن ?? علائقائي يڪجهتي واري وزير شرلي ايور ڪربوٽچوي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ گهانا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي بلندي جي رفتار کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير ايور ڪربوٽوچي گڏيل قدرن، گڏيل ??عتماد ۽ عالمي سطح تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، ??يڙ??ڪاري ۽ تعليم ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم گ??انا کي اسلام آباد ۾ هڪ ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي اڇ ڪئي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ملي. هن نائب وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.