اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حس??ن سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي روشني وڌي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? ۽ ??رڏيهي وزير محمد توحيد حس??ن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊائيلاگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين مختلف گهڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبو?? بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.