اس??ام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان سان تعلق رکندڙ گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهيندڙ 5 سالا سفيان محسود کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته س??يان محسود گهٽ عمر ۾ گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري پنهنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته س??يان محسود جهڙا باصلاحيت ٻار پاڪستان جي روشن مستقبل ??ي ضمانت آهن.