اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 182 ووٽن جي زبردست حمايت سان 2025ع ۽ 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ تي دلي م??ار??با?? ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي م??ار??با?? واري پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جنگ جي روڪٿام ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل قومن جي چارٽر جي ويزن سان پنهنج?? وابستگي کي برقرار رکڻ، عالمي خوشح??لي ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ موجب عالمي امن ۽ سلامتي جي بح??لي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي پرڏيهي وزارت، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان ??ي سمورن مشنز پاران بهترين مهم ۽ ٽيم ورڪ کي ساراهيو.