اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف زراعت، معدنيات، کاڻ کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي اي?? سي) قائم ڪرڻ جي تسلسل ۾ اي??ڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. اي??ڪس ڪميٽي ايس آئي اي?? سي جي ڪارڪردگي ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي امڪاني سيڙپڪارن تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اي??ڪس ڪميٽي وزيرن پاران ايس آئي اي?? سي تحت سيڙپڪارن جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس جي پڄاڻي تي ??ار??ئتي ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ وزيرا??ظم زراعت، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن.