اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کرل ??اده ڪسرت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طو?? تي بريسٽ ڪينسر، پوليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به پيادل سفر ??ري آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کرل ??اده ڪسرت راءِ کي ساراهيو. کرل ??اده ڪسرت راءِ پيادل سفر ۾ سهولتن جي لاءِ حڪومتي تعاون جي درخواست ڪندي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ??ري چڪو آهيان، پيادل سفر ??ري مختلف سماجي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪندو آهيان. امن، انساني حقن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي آگاهي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪيو آهي.