اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گ??يل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ محمد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ?? پاڪستان کي هر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف گ??يل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گ??يل عرب امارات پاران فراهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر امداد ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خليفه بن زيد فائونڊيشن پاران پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين کي ساراهيو. شيخ محمد بن زيد قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهت?? جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل، گ??يل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، اهي گ??يل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي ٻڌل آهن.