اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي ضلعي ڪچهري ??سلام آباد ۾ بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو آهي، عدالتن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ان مشڪل حالتن ۾ ججن جي فرضن جي ادائيگي ۽ وڪيلن جو حوصلو قابل تحسين آهي، دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻا ۽ مارچ ٿيندا رهندا آهن، اسان وٽ سياسي فنڪار ڪرپشن جي تحفظ لاءِ ??ارچ ڪري ??هيا آهن، حڪومت جمهوريت دوست جو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مخالف ڌر جي ڪرپشن زده چهرن جي ايجنڊا ڏسڻي آهي، مارچ جي جمهوري ??ق کي عوامي مشڪلاتن ۾ اضافي لاءِ استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت معاهدي موجب مارچ جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نه ??ڌي?? پسند واري ??اءِ ??راهم ڪئي، جڏهن ته پاڻي، بجلي سميت سموريون سهولتون به فراهم ڪيون، هو ضلعي عدالتن جي دوري کانپوءِ ??يڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.