اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي ??رڏيهي کاتي پاران انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ کي مُڪمل طور تي رد ڪندي رپورٽ جي نقطن کي غيرمنصفاڻو، غلط معلومات تي ٻڌل ۽ زميني حقيقت جي ابتڙ قرار ڏنو آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آه?? ته آمريڪي ??رڏيهي کاتي جي اهڙي قسم جي غيرمطلوب رپورٽس جي تياري جي سالياني مشقن ۾ معروضيت جي کوٽ آه?? ۽ ان جي طريقيڪار ۾ فطري طور تي خاميون آه??. بيان موجب اهي رپورٽون ٻين ملڪن ۾ سياسي طور تي متعصباڻي انداز ۾ انساني حقن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ڊوميسٽڪ سوشل لينز جو استعمال ڪن ٿيون، هن سال جي رپورٽ ۾ معروضيت جي کوٽ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي سياسي بڻائڻ نمايان آه??، اهو واضح طور تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو اهڙي طرح عالمي انساني حقن جي ڳالهه ٻولهه کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آه?? ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ رپورٽ ۾ غزه ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم ج??ين کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آه??. بيان موجب غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، انساني امداد کي هٿيار بڻائڻ ۽ 33 هزار کان وڌيڪ شهرين جي قتل عام کي رڳو سياسي طور تي محرڪ رپورٽ ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿي، غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي آمريڪا جي خاموشي انساني حقن بابت نام نهاد ملڪ جي رپورٽن جي پٺيان بيان ڪيل مقصدن جي خلاف آه??. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته پاڪستان پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۽ جمهوري اخلاقيات موجب پنهنجي انساني حقن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن، عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي انساني حقن جي ڳالهه ٻولهه ۾ منصفاڻي ۽ معروضيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آه??، جيڪڏهن آمريڪا کي ان مشق ۾ شامل ٿيڻ ضروري آه??، ته اسان آمريڪي ??رڏيهي کاتي کان اها اميد ڪريون ٿا ته هو ڏکين مسئلن جو جائزو وٺڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، اهڙين رپورٽن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معروضيت، غيرجانبداري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آه?? ته ان کي سمورين حالتن بابت سچ ڳالهائڻ جي لاءِ گهربل اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم ج??ين ت?? ظلمن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.