ڪراچي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ه??ئوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته طاهر نجمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، طاهر نجمي مرحوم محنتي صحافي هو، سندس لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ??طا فرمائي. هن سوڳوار خ??ند??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.