جده R11; 05 مئي(اي پي پي) سعودي عرب جي هوائي ڪ??پنين جي گروپ هلندڙ سال حج سيزن 1444هه ل??ءِ پنهنجو آپريشنل پروگرام جاري ڪري ڇڏيو آهي، 12 لک حج جي خواهشمندن کي 100 کان وڌيڪ شيڊيولڊ ۽ 14 سيزنل ه??ائ?? اڏن تان حج جو سفر ڪرايو ويندو. سعودي عرب جي خابرو اداري مطابق سعودي عربين ايئرلائينز (السعوديه) اديل ايئر ۽ خانگي سعودي ايئرلائين ذريعي هلندڙ سال دنيا جي مختلف ملڪن مان 12 لک کان وڌيڪ حج جي خواهشمندن ل??ءِ 164 جهاز مختص ڪيا ويا آهن. حج جي خواهشمندن کي 100 کان وڌيڪ شيڊيولڊ ۽ 14 سيزنل ه??ائ?? اڏن تان حج جو سفر ڪرايو ويندو. سعودي عرب جي هوائي ڪ??پنين ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي حج ادارن سان ان سلسلي ۾ معاهدا ڪيا آهن. سعودي عربين ايئرلائينز (السعوديه) حج اڏامن دوران سفر ڪندڙن ل??ءِ اسپيشل اسلامي جاڳرتا جو به انتظام ڪيو آهي. حج جي خواهشمندن کي مذهبي پروگرام ۽ حج بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي. 134 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل مختلف ديني پروگرامن جو انتظام ۽ 590 ڪلاڪن جي قرآن جي تلاوت جو به بندوبست ڪيو ويو آهي. اسلامي پروگرام عربي کان علاوه انگريزي، انڊونيشي ۽ چيني ٻولين ۾ پيش ڪيا ويندا. حج جي خواهشمندن ل??ءِ ٻين ٻولين ۾ به ديني پروگرامن جو انتظام ڪيو ويو آهي.