اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر خان 5 ۽ 6 ڊسمبر تي گهانا جي شهر اڪرا ۾ گڏيل قومن جي منعقد ٿيندڙ امن فوج جي وزارتي ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪ??دو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو وزارتي اجلاس انهن اجلاسن جو حصو آهي جن مان هڪ هن سال آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو جن ۾ ”گڏيل قومن جي پيس ڪيپرز ج?? حفاظت ۽ سلامتي“ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته ان اجلاس ۾ اسان جي شرڪت گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار وابستگي کي اج??گر ڪري ٿي جنهن جي تاريخ ڇهن ڏهاڪن تي ٻ??ل هڪ اهم فوجي حصيدار طور ??هي.