اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته خص??صي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چي?? ته خص??صي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خص??صي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊيشن خص??صي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊيشن خص??صي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي فائونڊيشن جي مختلف منصوبن، خص??صي ماڻهن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خص??صي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.