اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي ج?? شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ زمين تان جيستائين دهشتگردي جو ناسور ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم حملي ۾ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران ??زي??اعظم چيو ته جيستائين دهشتگردي جو ناسور پاڪ زمين تان ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي، قانون لا??و ڪندڙ ادارن جي قربانين جي ڪري ئي اسان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪندا آيا آهيون. نگران ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.